پشاور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل کدڙو فقير زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

peshawar-police

پشاور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل کدڙو فقير زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،  واقعي خلاف شي ميل ايسوسيئيشن آف خيبرپختونخواهه پاران فقير آباد ۾ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پشاور جي فقير آباد واري علائقي ۾ هڪ هفتو اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 25 ورهين جي شي ميل عليشا ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.

واقعي خلاف شي ميل ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه پاران فقير آباد ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شي ميل ايسوسيئيشن جي صدر فرزانه جو چوڻ آهي ته عليشه کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ آندو ويو ته ڊاڪٽر کيس داخل ڪرڻ بعد سوال ڪري رهيا هئا ته عليشه ڊانس جا ڪيترا پئسا وٺندي آهي.

هن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*