ٺل جي مکيه ڪاروباري مرڪزن ۾ گٽر اٿلي پوڻ ڪري گندو پاڻي بيهجي ويو

thul-ghandgi

ٺل جي مکيه ڪاروباري مرڪزن ۾ گٽر اٿلي پوڻ ڪري گندو پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن سبب ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن.

ٺل جي مين بازار، مڃارڪي بازار، ڪپڙا مارڪيٽ ۽ سونارڪي بازار ۾ گٽر اٿلي پيا آهن، جنهن ڪري گندو پاڻي بازارن ۾ بهجي ويو آهي.

 دوڪاندارن جو چوڻ آهي ناليون صاف نه ٿيڻ ڪري گٽرن جو اٿلڻ معمول بڻيل آهي، جنهن سان سندن ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

گٽرن جي اٿلڻ واري اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر سونو خان چانڊيو بازار پهتو ۽ ميونسپل عملي کي گندو پاڻي جلد نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*