سنڌي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ فنڪار عادل نواز جگر جي بيماري سبب مڪلي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

adeel-

سنڌي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ فنڪار عادل نواز  جگر جي بيماري سبب مڪلي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس تدفين اڄ اباڻي قبرستان ۾ ڪئي پئي وڃي.

اداڪار عادل نواز ڪجهه وقت جگر جي بيماري ۾ مبتلا رهڻ بعد مڪلي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن سبب شوبز سان واسطو رکندڙن ۾ ڏک جي لهر ڇايل آهي.

 عادل نواز پنهنجي پوئيرن ۾ 3 پٽ ۽ هڪ بيواهه کي ڇڏيو آهي، سندس تدفين اڄ مڪلي ۾ ڪئي پئي وڃي.

عادل نواز ڪي ٽي اين جي ڊرامن پٿر دنيا، ڪو درد لادوا، پنهنجا پراوا ۽ ڪارو سج ۾ پنهن جو  ڪردار اداد ڪيو .

عادل نواز 10 سال اڳ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هو سنڌي فلمن، اسٽيج ڊرامن توڙي فلمن  جي دنيا سان لاڳاپيل رهيو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*