بلوچستان هاءِ ڪورٽ، ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ ناڻي بابت اڳوڻي صوبائي صلاحڪار خالد لانگو جي پڪي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

balochistan-highi-court

بلوچستان هاءِ ڪورٽ، ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ ناڻي بابت اڳوڻي صوبائي صلاحڪار خالد لانگو جي پڪي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي ، جنهن بعد نيب کيس عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو آهي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جمال مندو خيل ۽ جسٽس هاشم ڪاڪڙ تي ٻڌل 2 رڪني بينچ بلوچستان جي ناڻي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

خالد لانگو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته نيب کيس بار بار پيشيءَ جا نوٽيس جاري ڪري رهي آهي ۽ کيس گرفتار ڪرڻ جو خدشو آهي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ڪچي ضمانت منظور ڪرائي وئي آهي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ پڪي ضمانت منظور ڪري، جنهن بعد هو نيب آڏو پيش ٿيندو.

 عدالت، خالد لانگو جي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، جنهن بعد نيب کيس عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو.

واضح رهي ته بلوچستان جي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي گرفتاري بعد خالد لانگو صوبائي صلاحڪار جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي ۽ غائب ٿي ويو هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*