سنڌ سروس ٽربيونل، مئنيجمينٽ ڪيڊر خلاف توهين عدالت واري درخواست تي تعليم واري سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 10جون تائين مهلت

fazilallah

سنڌ سروس ٽربيونل، مئنيجمينٽ ڪيڊر خلاف توهين عدالت واري درخواست تي تعليم واري سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 10جون تائين مهلت ڏئي ڇڏي.

سروس ٽربيونل جي جج مجيب الله صديق مئنجيمينٽ ڪيڊر ۾ غير قانوني ڀرتين واري معاملي تي گسٽا جي توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو پاڻ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان سندس وڪيل پيش ٿيا.

عدالت تعليم کاتي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان قسم ناما جمع ڪرايا آهن؟.

سيڪريٽري تعليم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته قسم ناما جمع ناهن ڪرايا ويا، جڏهن ته دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ کين هڪ مهيني جي مهلت ڏني وڃي.

سنڌ سروس ٽربيونل سيڪريٽري تعليم کي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*