اسلامي نظرياتي ڪائونسل، عورتن جي تحفظ بابت بل جي تياري شروع ڪري ڇڏي

islamo nazryati

اسلامي نظرياتي ڪائونسل، عورتن جي تحفظ بابت بل جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، بل جي سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته مڙس غلطين تي زال مٿان هلڪو ڦلڪو تشدد ڪري سگهي ٿو، عورت نرسز اسپتالن ۾ مردن جي وارڊز ۾ نه وڃي سگهنديون ۽ نه ئي مردن جي تيماداري ڪري سگهنديون.

اسلام آباد نظرياتي ڪائونسل جي ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ اجلاس بعد ڪائونسل جي ميمبر مفتي امداد الله پاران عورتن جي تحفظ بابت بل تيار ڪيو ويو آهي.

تجويز ڪيل بل جون گڏيل طور هڪ سئو 63 شقون تيار ڪيون ويون آهن، جن کي بل جي صورت ۾ سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبن جي اسيمبلين ڏانهن موڪليو ويندو.

بل جي سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته عورت کي شريعت ۾ ڏنل سمورا حق حاصل هوندا، عورت جي زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ تي ٽي سال پابندي هوندي.

بل موجب اسلام يا ڪو ٻيو مذهب ڇڏڻ تي عورت کي قتل نه ڪري سگهبو، جڏهن ته معاشري جي بگاڙ بابت اشتهارن ۾ عورت جي ڪم ڪرڻ تي به پابندي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران تيار ڪيل بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته تيزاب گردي يا ڪنهن حادثي ۾ فوت ٿي ويل عورت جي موت جي مڪمل جاچ ٿيندي، جڏهن ته عورت کان جبري پورهيو ڪرائڻ تي پابندي هوندي.

تجويز ڪيل بل تحت مڙس عورت جي اجازت کانسواءِ نس بندي نٿو ڪري سگهي، حمل جي ٽن مهينن کانپوءِ ٻار ڪيرائڻ کي قتل سمجهيو ويندو.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن موجب، باشعور ڇوڪري کي اسلام قبول ڪرڻ جو حق حاصل هوندو، جڏهن ته جنگ جي دوران عورت کي قتل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

بل ۾ عورت جي غير مردن سان تفريح ۽ آزاداڻي ميل ميلاپ تي پابندي جي سفارشي ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته عورتون پرڏيهي مهمانن جي آجيان ۾ شرڪت نه ڪري سگهنديون.

بل جي سفارسن ۾ عورت جي قرآن پاڪ سان شادي کي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو به ان ڏوهه ۾ ملوث نڪتو ان کي 10 سال جي سزا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

بل موجب، ڏاج جي مطالبي ۽ نمائش تي پابندي هوندي، جڏهن ته عورت کي ڪارو قرار ڏيڻ به قتل سمجهيو ويندو ۽ وني يا صلح لاءِ ڇوڪري جي زبردستي شادي تعزير جوڳي هوندي.

بل ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته   ڪنهن به غلطي تي مڙس عورت تي مٿان هلڪو ڦلڪو تشدد ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته عورت مڙس خلاف ڪارروائي لاءِ عدالت سان به رابطو ڪري سگهي ٿي.

بل ۾ عورت کي سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته ولي جي اجازت کانسواءِ بالغ ڇوڪري نڪاح ڪري سگهي ٿي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورت نرسز جي مردن وارن وارڊز ۾ داخل ٿيڻ ۽  تيماداري تي پابندي جي سفارش ڪئي آهي، ان کان علاوه  بل ۾ چيو ويو آهي ته عورتن جي پرائمري کانپوءِ مخلوط تعليم تي به پابندي هوندي ۽ عورت کي حجاب پائڻ جي اجازت هوندي.

 تجويز ڪيل بل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عورتن کي مالڪاڻا حق حاصل هوندا ۽ هڪ ئي وقت ٽي طلاقتون ڏيڻ ڏوهه سمجهيو ويندو.

بل ۾ عورت جي کير وارن اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي جي سفارش ڪندي چيو ويو آهي ته عورت ٻن سالن تائين پنهنجي ٻارڙي کي کير پيئارڻ جي پابند هوندي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين مولانا محمد خان سڀاڻي بل جون حتمي سفارشون ميڊيا آڏو پيش ڪندو……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*