پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽي او آر جوڙڻ بابت قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو

nawaz

پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽي او آر جوڙڻ بابت قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.

درخواستگذار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته پاناما پيپرز جي بل جي ڊرافٽنگ لاءِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

درخواستگذار موجب قانون موجب ڪنهن به ڪميٽي جي ميمبرز جو انگ 10 کان وڌيڪ نٿو ٿي سگهي پر موجوده ڪميٽي ۾ ميمبرز جو انگ 12 آهي، جنهن ۾ 7 ايم اين اي ۽ 5 سينيٽرز شامل آهن.

درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته قانون موجب 7 قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ 3 سينيٽرز تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري سگهجي ٿي، اسپيڪر پاران 12 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ قانون جي خلاف آهي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي قانون موجب ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي وڃي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*