بلوچستان جي دشت واري علائقي ۾ ٻن گاڏين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ليوز اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا

baloch-map

بلوچستان جي دشت واري علائقي ۾ ٻن گاڏين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ليوز اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا آهن.

بلوچستان جي علائقي دشت ۾ ليويز جي گاڏي معمول موجب گذري رهي هئي ته سامهون ايندڙ مسافر گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ليويز اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ٻارڙن سميت  8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي سڪيورٽي فورسز پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*