ڊرون حملن تي وزير اعظم جي خاموشي معني ٰ خيز آهي:مولابخش چانڊيو

mola-bux-chandio

سڌ سماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ڊرون حملن تي وزير اعظم جي خاموشي معني ٰ خيز آهي  ۽ ڇا وزير اعظم جي لنڊن ياترا قومي سلامتي کان وڌيڪ اهم آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو  ته وزير اعظم پاناما ليڪس معاملي تي قوم کي خطاب ڪري سگهي ٿو ته قومي سلامتي تي ڇو نه ڪري.

هن چيو ته جڏهن به قومي سلامتي جو معاملو ايندو آهي ته ميان صاحب خاموشي اختيار ڪندو.

مولابخش چانڊيو چيو ته پ پ قيادت جو قومي سلامتي تي موقف واضح آهي ۽ ٻڌايو وڃي ته وزير اعظم قومي سلامتي تي واضح موقف ڇو اختيارناهي ڪندو.

صوبائي صلاحڪار چيو ته اسان آمريڪا جا غلام نه پر دوست آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*