خيرپور ڀرسان سينٽرل جيل جي قيدين کي کڻي ويندڙ وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ قيدين ۽ اهلڪارن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا

khirpur-map-anti19-8

خيرپور ڀرسان سينٽرل جيل جي قيدين کي کڻي ويندڙ وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ قيدين ۽ اهلڪارن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سينٽرل جيل جي قيدين کي ٺري ميرواهه جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ واپس آندو پئي ويو ته ڀرڳڙي پل وٽ پوليس وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾علي داد دستي، پرويز گوپانگ، افصل شر، شاهنواز جسڪاڻي سميت 10 قيدي، محمد مراد جلا لاڻي، الطاف حسين ڪناسرو سميت 5 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ڪار ڊرائيور زخمي ٿي پيا.

پوليس اختيارين زخمي ٿيل اهلڪارن ۽ قيدين سميت ڊرائيور کي کڻي اسپتال پهچايو، جن کي طبي امداد ڏني وئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*