دهشتگردي ۽ انتهاپسندي عالمي مسئلو آهي، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي بعد آپريشن ڪومبنگ شروع ڪيو آهي:آرمي چيف جنرل راحيل شريف

army-cheif-raheel-sharif

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي عالمي مسئلو آهي، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي بعد آپريشن ڪومبنگ شروع ڪيو آهي، مڪمل امن ۽ حدف حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ ايند اسٽاف ڪاليج ۾ ججوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته دنيا ۾ ڪا به فوج پاڪ آرمي جيان چيلينجز کي منهن نٿي ڏئي سگهي، پاڪ فوج جي قيادت ڪرڻ تي کيس فخر آهي.

هن چيو ته دهشتگردي عالمي مسئلو آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيترائي آپريشن ڪيا،دنيا جي ڪا فوج پاڪ آرمي جيان دهشتگردي خلاف نٿي وڙهي سگهي.

آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آپريشن ضرب عضب ڪامياب رهيو ۽ انتهاپسنن جي خاتمي لاءِ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته پاڪ فوج جو دهشتگردي خلاف هن وقت ڪوبنگ آپريشن جاري آهي، ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، قومي علائقائي ۽ سلامتي صورتحال تي تفصيلي سان نظر وڌي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*