نواز ليگ سان واسطو رکندڙ مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ پارٽي قيادت سان اختلافن بعد وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

hakim-baloch-rasing

نواز ليگ سان واسطو رکندڙ مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ پارٽي قيادت سان اختلافن بعد وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته هن ڪيترائي ڀيرا وزير اعظم سان ملاقاتون ڪري تڪ جا مسئلا ٻڌايا، پر هيل تائين ڪو به حل ناهي ٿيو.

حڪمران جماعت نواز ليگ سان واسطو رکندڙ مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ پنهنجي استعيفيٰ وزير اعظم هائوس ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

عبدالحڪيم بلوچ استعيفيٰ جو سبب ملير جي عوام جا مسئلا حل نه ٿيڻ ۽ پارٽي قيادت پاران کيس نظر انداز ڪرڻ ڄاڻايو آهي.

عبدالحڪيم بلوچ چيو ته هن وزير اعظم نواز شريف سان ڪيترائي ڀيرا ملاقاتون ڪري سندس تڪ ملير جي عوامي مسئلن بابت آگاهه ڪيو، پر هيل تائين ڪو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري هو عهدي تان مستعفي ٿي رهيو آهي.

 ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي عبدالحڪيم بلوچ چيو ته وزير اعظم ملير لاءِ اسپيشل پئڪيج ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر ان تي به عمل نه ٿيو آهي.

حڪيم بلوچ چيو ته نواز ليگ هميشه سنڌ کي نظر انداز ڪيو آهي .

هن چيو ته ايم اين اي آهيان ،اڃا تائين ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو ۽ ٻئي پارٽي ۾ شموليت جو فيصلو ساٿين ۽ ملير جي عوام جي مشوري سان ڪندس.

واضح رهي ته حڪيم بلوچ اڳ به وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي پر ڪيپٽن صفدر پاران خدشا ختم ڪرڻ وارين خاطرين تي استيعفيٰ واپس ورتي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*