بخشاپور ويجهو ڪچي جي علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

karo-kari03-9

بخشاپور ويجهو ڪچي جي علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جي وارثن جو جوابدار جي گرفتاري لاءِ ٿاڻي اڳيان ڌرڻو، پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ عبدالڪريم چاچڙ ۾ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار عبدالهادي چاچڙ فائرنگ ڪري نوجوان محمود چاچڙ ۽ زال سرداران کي قتل ڪري ڇڏيو.

بڊاڻي پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته مقتول نوجوان محمود چاچڙ جي وارثن پاران جوابدار جي گرفتاري لاءِ بڊاڻي ٿاڻي جي اڳيان لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب جوابدار جي گرفتاري پڻ عمل ۾ نه اچي سگهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*