سيٺارجا ويجهو 12 ورهين جي نينگري سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

setharja

سيٺارجا ويجهو 12 ورهين جي نينگري سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، نينگري جو ميڊڪيل چيڪ اپ ڪرايو ويندو.

ٽنڊو مير علي ۾ 12 ورهين جي نينگري کي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار عبدالڪريم شر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

ٻارڙي جي پيءُ ڪريم بخش شر جو چوڻ هو ته نينگري دڪان تان شئي وٺڻ وئي ته جوابدار کيس اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو آهي.

هن چيو ته ٻارڙي جي رڙيون ڪرڻ تي علائقي واسين  جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو آهي، وحشي جوابدار کي عبرناڪ سزا ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پير وسڻ  ٿاڻي جي ايس ايڇ او سوڀارو شيخ  جو چوڻ هو ته جوابدار گرفتاري بعد نينگري سان ڏاڍائي جو اعتراف ڪيو آهي، نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*