سپريم ڪورٽ پاران رد ڪيل حڪومتي ٽي او آرز تي نه ڀاڙيو ويندو: اعتزاز احسن

atzaz-hussain

سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران رد ڪيل حڪومتي ٽي او آرز تي نه ڀاڙيو ويندو، اپوزيشن ڪي به ٽي او آرز واپس نه ورتا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته پاناماليڪس ۾ جن جو نالو شامل آهي، انهن سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ ٽي او آرز جي شق وار جائزو ورتو ويو آهي، سڀاڻي به معاملو بحث هيٺ رهندو.

هن چيو ته ٽرمز آف ريفرنس جي شق وار منظوريءَ تي اتفاق ٿي ويو آهي، حڪومت جي رد ڪيل ٽي او آر تي نٿو ڀاڙي سگهجي، جڏهن ته هنن ڪي به ٽي او آر واپس ناهن ورتا، ان حوالي سان ميڊيا تي غلط خبرون هلايون ويون.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن 15 سوال تيار ڪيا هئا، جن مان هو 2 سوال ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، پاناماليڪس معاملي جي اڻڌري  ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت تسليم ڪيو آهي ته ڪميٽي ۾ 6 ميمبرز هوندا، وزيراعظم جي آمد بعد مشاورت سان هڪ ميمبر کي ڪڍيو ويندو.

هن چيو ته حڪومت کي فراخدلي ۽ نيڪ نيت سان معاملا اڳتي وڌائڻ گهرجن، شق وار جائزي جي شروعات ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اپوزيشن حڪومت جي ٽرمس آف ريفرنس کي رد ڪري چڪي آهي.

سند چوڻ هو ته حڪومت کي چيو آهي ته اپوزيشن جي ٽي او ار تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، پاناما ليڪس جي دستاويزن ۾شامل سڀني کي جوابده ٿيڻو پوندو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*