اليڪشن ڪميشن بائيو ميٽرڪ نظام تحت چونڊون ڪرائڻ بابت اليڪٽرانڪ مشينن جي خريداري لاءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيا

Biometric-System

اليڪشن ڪميشن بائيو ميٽرڪ نظام تحت چونڊون ڪرائڻ بابت اليڪٽرانڪ مشينن جي خريداري لاءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ننڍي چونڊ ۾ بائيو ميٽرڪ ذريعي ووٽنگ ڪرائي عام چونڊن لاءِ تجربو ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل اشتهار ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ بائيو ميٽرڪ نظام تحت چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان مشينن جي خريداري لاءِ ٽينڊر گهرايا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن اهل ڪمپنين کان 20 جون 2016 تائين 400 مشينون فراهم ڪرڻ لاءِ ٽينڊر جمع ڪرائڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته قومي يا صوبائي اسيمبليز جي تڪن تي ننڍي چونڊ بائيو ميٽرڪ ذريعي ڪرائي عام چونڊن لاءِ تجربو حاصل ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*