پاڪستان، امريڪي ڊرون حملي ۾ افغان طالبان جي سربراهه ملا اختر منصور جي مارجڻ کانپوءِ واري صورتحال تي دوست ملڪن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو

azaz-chudhry

پاڪستان، امريڪي ڊرون حملي ۾ افغان طالبان جي سربراهه ملا اختر منصور جي مارجڻ کانپوءِ واري صورتحال تي دوست ملڪن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته ڊرون حملي سبب افغان مفاهمتي عمل تباهه ٿي ويو آهي.

پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري اعليٰ قيادت جي هدايتن تي چين، ترڪي ۽ سعودي عرب جي سفيرن سان هنگامي ملاقات ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران امريڪي ڊرون حملي ۾ افغان طالبان جي سربراهه ملا  اختر منصور جي مارجڻ ۽ افغان مفاهمتي عمل تي پوندڙ اثرن بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو.

اعزاز چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان افغان مفاهمتي عمل ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته امريڪي ڊرون حملي ۾ طالبان سربراهه ملا اختر منصور جي مارجڻ کانپوءِ افغان مفاهمتي عمل تباهه ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چين، ترڪي ۽ سعودي عرب افغان مفاهمتي عمل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪندي اعلان ڪيو ته هر فورم تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ويندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*