سلطان” جي ٽريلر کي انٽرنيٽ تي 50 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو

sultan-

بالي ووڊ دبنگ سلمان خان جي فلم “سلطان” جو پهريون ٽريلر  انٽرنيٽ تي ڇانيل آهي، ٻه ڏينهن اڳ رليز ٿيل ٽريلر کي يو ٽيوب تي هن وقت تائين 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن،  فلم نه رڳو هريانه جي پهلوان سلطان علي خان ۽ عورت پهلوان عارفه جي اکاڙي ۾ مهارت سان ڪشتي وڙهڻ جي ڪهاڻي آهي پر ٻنهي جي پريم ڪهاڻي به آهي، انوشڪا شرما ڳوٺاڻي عارفه جو ڪردار نڀايو آهي، جيڪا پهلواني به ڪري ٿي ته گهر جو ڪم ڪار به، جڏهن ته سلمان خان کيس اکاڙي ۾ ڏسندي ئي مٿس عاشق ٿي پوي ٿو. سلطان عيدالفطر جي موقعي تي 6 جولاءِ تي رليز ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*