وفاقي گهرو وزارت قومي سڃاڻپ ڪارڊز جي تصديق لاءِ پهرين مرحلي ۾ شڪي ماڻهن ۽ ٻئي مرحلي ۾ باقي سڀني جي تصديق ڪرائڻ جو فيصلو

chudhry-nisar

وفاقي گهرو وزارت قومي سڃاڻپ ڪارڊز جي تصديق لاءِ پهرين مرحلي ۾ شڪي ماڻهن ۽ ٻئي مرحلي ۾ باقي سڀني جي تصديق ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ نادرا هيڊڪوارٽر ۾ اهم  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نادرا چيئرمين ، ڊي جي اميگريشن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ نادرا چيئرمين پاران وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي قومي سڃاڻپ ڪارڊز جي تصديق جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق ڪرائڻ لاءِ ڊيڊلائن ڏيڻ ۽ ٻين معاملن تي به ويچاريو ويو.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته قومي سڃاڻپ ڪارڊز جي تصديق لاءِ پهرين مرحلي ۾ شڪي ماڻهن ۽ ٻئي مرحلي ۾ باقي سڀني جي تصديق ڪرائي ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*