پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽرمس آف ريفرنس طئي ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ اپوزيشن پاران پيش ڪيل ٽي او آر تي ڊيڊلاڪ برقرار

panama-pepars-links

پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽرمس آف ريفرنس طئي ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ اپوزيشن پاران پيش ڪيل ٽي او آر تي ڊيڊلاڪ برقرار آهي، اعتزاز احسن چيو ته حڪومتي ميمبر وزيراعظم جو نالو ڪڍڻ تي زور ڏئي رهيا آهن ته بهتر آهي ته حسين نواز جي پيءُ جو نالو شامل ڪيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت اپوزيشن جا ٽرمز آف ريفرنس منظور ناهن ڪيا، مخالف ڌر پنهنجي مطالبن تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندي.

اسلام آباد ۾ پناما ليڪس جي جاچ جا ضابطا طئي ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومت پاران ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه سعد رفيق، اڪرم دراني، انوشا رحمان شرڪت ڪئي، جڏهن ته قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد به حڪومتي ڪميٽيءَ جي نمائندگي ڪئي، جنهن کي خواجه آصف جي جاءِ تي ڪميٽيءَ جي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ اپوزيشن پاران سينيٽر اعتزاز احسن، شاهه محمود قريشي، الياس بلور، صاحبزاده طارق الله، بئريسٽر سيف ۽ طارق بشير چيما شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي اپوزيشن ميمبرز پاران ٽي او آرز ۾ وزيراعظم نواز شريف جو نالو شامل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو پر حڪومتي ميمبرن وزيراعظم جو نالو شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.

اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن اپوزيشن پاران پيش ڪيل ٽي او آر جيئن جو تيئن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڳالهين ۾ ڊيڊلاڪ پيدا ٿي ويو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن ۽ تحريڪ انصاف جي نمائندگي ڪندڙ شاهه محمود قريشي ڊيڊلاڪ جي تصديق ڪندي چيو ته حڪومت کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

اعتزاز احسن چيو ته حڪومتي ميمبر وزيراعظم جو نالو ڪڍڻ تي زور ڏئي رهيا آهن ته بهتر آهي ته حسين نواز جي پيءُ جو نالو ٽي او آر ۾ شامل ڪيو وڃي.

اعتزاز احسن چيو ته پاناماليڪس ۾ وزير اعظم نواز شريف جي ڪٽنب سميت 630 پاڪستانين جا نالا شامل آهن، اپوزيشن جاچ واري مطالبي تي قائم آهي.

هن چيو ته حڪومت اپوزيشن جا 15 سوال تسليم ڪيا ته هو وزير اعظم نواز شريف جو ٽي او آرز مان نالو ختم ڪرڻ بابت اتفاق ڪري سگهن ٿا، پر جن نواز شريف مريم نواز ۽ حسن نواز جو پيءُ هئڻ جي حيثيت سان جاچ جي دائري ۾ ايندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت پهرين ڏينهن کان چاهي ٿي ته پاناماليڪس تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن خلاف جاچ نه ٿئي.

هن چيو ته حڪومت سان ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي، اپوزيشن پنهنجي ٽي او آرز بابت پنهنجي موقف تي قائم آهي، جنهن تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽبو.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن جا 15 مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته پري ايمبل کي به رد ڪيو  ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*