ڪجهه قوتون دهشتگردن جي سرپرستي ڪري سندن صبر جو امتحان وٺي رهيون آهن: فاروق ستار

mqm

ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ڪجهه قوتون دهشتگردن جي سرپرستي ڪري سندن صبر جو امتحان وٺي رهيون آهن، لانڍي ۽ ملير ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي شروع ٿي وئي آهي. خورشيد بيگم ميموريل هال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي متحده جي ڊپٽي ڪنوينر فاروق ستار چيو ته شهر جي ڪجهه علائقن ۾ حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، متحده جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي نشانو بنايو پيو وڃي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ملير ۾ متحده جي ڪارڪن ۽ سندس ساٿيءَ کي موٽرسائيڪل سوار جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪيو. هن چيو ته مئي ۾ اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن، مارچ ۽ اپريل ۾ سندن ڪارڪنن جون گرفتاريون عروج تي هيون. فاروق ستار چيو ته 6 مهينا گذرڻ باوجود مڪاني ادارن جي جوڙجڪ مڪمل ناهي ٿي، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ۾ هٿ وٺي دير ڪئي پئي وڃي. فاروق ستار چيو ته اسان کي مختلف اشوز ۾ ڦاسائي شهر جي ترقي کي روڪيو پيو وڃي.  هن چيو ته اسان جي صبر جو امتحان ورتو پيو وڃي، جڏهن صبر جواب

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*