جوهي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم مختيارڪار آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

johi-mukhtiar-kar-office-ch

جوهي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم مختيارڪار آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، عملدارن جو چوڻ آهي ته زمينن جا کاتا تبديل ڪرڻ واري شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

دادو جي اينٽي ڪرپشن ٽيم سرڪل آفيسر غلام سرور سولنگي جي اڳواڻي ۾ مختيارڪار آفيس تي ڇاپو گذريل ڪجهه سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سرڪل آفيسر غلام سرور سولنگي جو چوڻ هو ته مختلف ديهن جي کاتيدارن لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن ته تپيدارن رشوت وٺي سندن کاتا تبديل ڪري ڇڏيا آهن.

سرڪل آفيسر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙين شڪايتن تي ڇاپو هڻي رڪار ڊ حاصل ڪيو ويو آهي، ملوث عملدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*