سپريم ڪورٽ بدين جي شاخن جي پڇڙي ۾ گهربل پاڻي فراهم نه ڪرڻ تي آبپاشي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار

Supremecourtkarachi

سپريم ڪورٽ بدين جي  شاخن جي پڇڙي  ۾ گهربل پاڻي فراهم نه ڪرڻ تي آبپاشي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آبادگارن کي گهربل پاڻي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو  آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ بئنچ ۾ بدين جي مختلف شاخن جي پچڙي جي آبادگارن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

آبادگارن موقف اختيار ڪيو آهي ته آبپاشي ايڪسيئن پڇڙي جي شاخن جو پاڻي بااثر ماڻهن کي وڪرو ڪيو آهي، جنهن سبب سندس فصل سوڪهڙي جو شڪار آهن.

ايڪسيئن بدين عدالت کي ٻڌايو ته پڇڙي جي شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ تي لاڳاپيل عملدار کي معطل ڪيو ويو آهي،جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو جيڪڏهن ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ٿئي ها ته آبادگار درخواست کڻي عدالت نه اچن ها.

عدالت بدين جي  شاخن جي پڇڙي  ۾ گهربل پاڻي فراهم نه ڪرڻ تي آبپاشي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آبادگارن کي گهربل پاڻي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو  آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*