نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان رٿيل ٽيسٽ سيريز جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو

pakistan-vs-newsleand

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان رٿيل ٽيسٽ سيريز جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال نومبر مهيني ۾ نيوزيلينڊ جو دوروڪندي جتي قومي ٽيم ٻن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ مطابق پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 17 نومبر کان 21 نومبر تائين ڪرائسٽ چرچ ۾کيڏي ويندي،جڏهن ته سيريز جي ٻي ٽِيسٽ ميچ 25 نومبر کان29 نومبر تائين هملٽن ۾ کيڏي ويندي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ مجموعي طور تي 53ٽيسٽ ميچ ٿي چڪيون آهن،جنهن مان24 ٽيسٽ ميچز۾ قومي ٽيم کي فتح حاصل ٿي ۽ 8 ٽيسٽ ميچز ۾ شڪست ملي،جڏهن ته 21 ٽيسٽ ميچز ڊرا ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*