پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنگ بيٽسمين محمد حفيظ کي ڊاڪٽرن وڌيڪ هڪ هفتو آرام ڪرڻ جو مشورو

muhmmad-hafiz04-9

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنگ بيٽسمين محمد حفيظ کي ڊاڪٽرن وڌيڪ هڪ هفتو آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ ان ڳالهه جو امڪان پيدا ٿي ويوآهي ته هو قومي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ جي شروعاتي مرحلي ۾ شامل نه ٿي سگهندو.

اسٽار بيٽسمين محمد حفيظ گوڏي جي انجري جي ور چڙهيل آهي، جيڪا کيس ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٿي هئي، جنهن سبب هو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ خلاف ميچز ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.

محمد حفيظ انجري سبب قومي ٽيم جي فٽنس ڪيمپ سان گڏ ڪاڪول ۾ منعقد ٿيل بوٽ ڪيمپ ۾ به شرڪت نه ڪري سگهيو هو.

محمد حفيط جي گوڏي جي انجري سبب اهو امڪان پيدا ٿي پيو آهي ته کيس علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ اماڻيو ويندو.

انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ سليڪشن ڪميٽي 21رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي ۽ ٽيم جي اسڪلز ڪيمپ 30 مئي کان قذافي اسٽيديم لاهور ۾ شروع ٿي رهي آهي.

قومي ٽيم جي 21رانديگرن ۾ محمد حفيظ جو نالو به شامل آهي ۽چيف سليڪٽر انضمام الحق جو چوڻ آهي ته حفيظ جي سليڪشن فٽنس سان مشروط آهي.

واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان جون مهيني جي پهرين هفتي ۾ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*