مردان ۾ پوليس سان مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 اشتهاري ڏوهاري مارجي ويا

Mardan-Map-6-8

مردان ۾ پوليس سان مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 اشتهاري ڏوهاري مارجي ويا ۽ هڪ جوابدار فرار ٿي ويو، ڊي آءِ جي مردان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

مرادن جي علائقي تخت بائي ۾ پوليس اشتهاري ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته مقابلو ٿي پيو ۽ جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.

جوابدارن جي فائرنگ ۾ ڪو به نقصان نه ٿيو، جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 اشتهاري ڏوهاري مارجي ويا.

ڊي آءِ جي مردان طاهر عالم خان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران هڪ اشهتاري جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*