وڏي وزير خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ لاءِ رابطا شروع ڪيا آهن شهريار مهر

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهريار مهر پاران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ لاءِ  مرڪزي سطح تي رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، شهريار مهر جو چوڻ آهي ته قائم علي شاهه وڌيڪ 3 سال وڏو وزير رهيو ته  سنڌ جو ڏيوالو نڪري ويندو.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي ڪجهه به نه آهي ڏئي سگهي، وڏي وزير خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ لاءِ رابطا شروع ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته قائم علي شاهه جيڪڏهن وڌيڪ 3 سال وڏو وزير رهيو ته سنڌ جو ڏيوالو نڪري ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*