سکر ۾ ميراڻي، ڪلهوڙا ۽ مهيسر برادرين جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي نبيري دوران ڌرين تي 5 خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي 60 لک رپيا ڏنڊ

Sukkur-2-12

سکر ۾ ميراڻي، ڪلهوڙا ۽ مهيسر برادرين جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي نبيري دوران ڌرين تي 5 خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي 60 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، مهيسر برادري پاران هڪ خون نه مڃڻ تي ساک کڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ميراڻي، ڪلهوڙا ۽ مهيسر برادرين جي ڌرين ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي واري معاملي تان هلندڙ تڪرار جو قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد، مير منظور پنهور ۽ ٻين جي سرپنچي هيٺ جرڳو ٿيو.

جرڳي دوران ٽنهي ڌرين جا بيان ٻڌڻ کان پوءِ فتوا جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڌرين تي 5  خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي 60 لک  رپيا مقرر ڪيو ويو.

جرڳي دوران مهيسر برادري پاران هڪ عورت جو خون مڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي سرپنچن پاران ساک کڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو،  ساک نه ڏيڻ جي صورت ۾  مهيسر در کي ٻن قتلن جو ڏنڊ ادا ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو ويو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*