گهوٽڪي ۾ چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ اسپورٽس فيسٽول جي سلسلي ۾ راندين جا مقابلا جاري

ghotki-sports

گهوٽڪي ۾ چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ اسپورٽس فيسٽول جي سلسلي ۾ راندين جا مقابلا جاري آهي،عورتن جي  ٽيبل ٽينس جي هڪ مئچ ۾ ماڙي گيس ڪمپني جي ٽيم اينگرو ڪيميڪل فيڪٽري ڏهرڪي جي ٽيم کي شڪست ڏيئي ڇڏي جڏهن ته باڪسنگ ۾ ڪي پي ڪي جي ٽن رانديگرن ترتيبيوار سنڌ،پنجاب ۽ گلگت بلتستان جي رانديگرن کي شڪست ڏني،فيسٽول جي سلسلي ۾ ڊي سي گهوٽڪي محمد طاهر وٽو ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته راندين جي هن بين الصوبائي فيسٽول ۾ گهوٽڪي جي مقامي رانديگرن کي ٻين صوبن جي رانديگرن سان کيڏڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ۽ فيسٽول جو مقصد گهوٽڪي جي نوجوانن جي ٽيلنٽ جي همت افزائي ڪرڻ آهي،فيسٽول جي سلسلي ۾ اڄ گهوٽڪي ۾ ڪٻڏي ڪٻڏي جڏهن ته ڏهرڪي ۾ ڪرڪيٽ جا مقابلا ٿي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*