يورپ ۾ سياري جي ايندي ئي برفباري شروع ٿي وئي ڪيترن ئي علائقن ۾ سمورو ڪاروبار بند ٿي ويو

   يورپ ۾ سياري جي ايندي ئي برفباري شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ يورپ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ معمول وارو سمورو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، فرانس ۾ فرانس-اٽلي روڊ تي هزارين گاڏيون ڦاٿل آهن، جرمنيءَ جي ڏاکڻين علائقن ۾ برفباري سبب هزارين سياح ڦاسي ويا آهن.

يورپ ۾ سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي  مختلف علائقن ۾برفباري شروع ٿي وئي آهي، جنهن سبب متاثر علائقن  ۾ سمورن شعبن جون روزاني واريون سرگرميون معطل ٿي ويون آهن.

متاثر علائقن ۾  سڀ کان وڌيڪ متاثر ٽرانسپورٽ جو شعبو ٿي رهيو آهي، جتي هزارين گاڏيون مختلف روڊن رستن تي ڦاٿل آهن،جنهن سبب گاڏين ۾ سوار هزارين ماڻهو به ڦاٿل آهن.

جرمنيءَ جي ڏاکڻين علائقن ۾ سياري جي برفباريءَ سبب هزارين ڏيهي توڙي پرڏيهي سياح ڦاٿل آهن، جن کي علائقن مان ڪڍڻ لاءِ امدادي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*