ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن هڪ سياسي پارٽي جي آفيس تي ڇاپو

Rangers_Raid_in_Karachi

ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾  قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن هڪ سياسي پارٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي مختلف قسم جا هٿيار ۽ وڏي انگ ۾ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن.

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن گرفتار جوابدار حيدر عباس جي نشاندهي تي گلشن اقبال جي ريلوي سوسائٽي ۾ سياسي پارٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون.

ذريعن موجب سياسي پارٽي جي آفيس  تي ڇاپي دوران 14 ڪلاشنڪوف ، 10 پسٽل ۽ سوين گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*