ميان نواز شريف جي غير موجودگي سبب ملڪي ڪاروهنوار متاثر ناهي ٿيو، اڱاري ڏينهن وزيراعظم جو آپريشن ٿيندو:وزيراعظم هائوس ترجمان

Nawaz-Sharif-140516

وزيراعظم هائوس جي ترجمان چيو آهي ته ميان نواز شريف جي غير موجودگي سبب ملڪي ڪاروهنوار متاثر ناهي ٿيو، اڱاري ڏينهن وزيراعظم جو آپريشن ٿيندو، جنهن بعد هو ڊاڪٽرن جي مشاورت سان ڏيهه واپس اچي چيف ايگزيڪيوٽو طور معاملا سنڀاليندو.

جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم هائوس جي ترجمان چيو ته ميان نواز شريف لنڊن مان اهم معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهي، کيس ملڪي معاملن کان آگاهه ڪيو پيو وڃي، پرنسپل سيڪريٽري، ملٽري سيڪريٽري ۽ ٻيو اسٽاف وزيراعظم نواز شريف جي معاونت ڪري رهيو آهي.

هـُن چيو ته وزيراعظم نواز شريف، وفاقي وزيرن ۽ ٻين اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي ۽ کين ضروري هدايتون پڻ جاري ڪري رهيو آهي.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم جي غير موجودگي ۾ ڪنهن ۾ رياستي معاملي ۾ دير نه پئي ٿئي ۽ نه ئي ڪو به رياستي معاملو ملتوي ڪيو ويو آهي.

پي ايم هائوس جي ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف جو اڱاري ڏينهن دل جو آپريشن ٿيندو ۽ اهو فطري آهي ته آپريشن بعد وزيراعظم فوري طور تي سرگرمين ۾ حصو نه وٺي سگهندو.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، آپريشن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف ڊاڪٽرن جي مشاورت سان واپس ايندو ۽ چيف ايگزيڪيوٽو طور فرض نڀائيندو.

واضح رهي ته وزيراعظم نواز شريف جي اڱاري ڏينهن لنڊن جي اسپتال ۾ اوپن هارٽ سرجري ٿيندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*