صحيسڪو چيف وائسراءِ بڻيل آهي، هڪ وزير ان وائسراءِ ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي پريشان ڪري رهيو آهي:مولا بخش چانڊيو

mola-bux-chandio

سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته حيسڪو چيف وائسراءِ بڻيل آهي، هڪ وزير ان وائسراءِ ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي پريشان ڪري رهيو آهي، ڪجهه وزير سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙن وزيرن جي ڪري ئي اڄ وزيراعظم کي به پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو آهي.

حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي پاران لڳايل پاڻي جي سبيل جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائندي  مولا بخش چانڊيو چيو ته پنجاب ۾ سڪون ۾ آهي، پر سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ ذريعي عوام کي  عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي.

مولا بخش چانڊيو چيو ته حيسڪو چيف وائسرا بڻيل آهي ۽ هڪ وفاقي وزير ان وائسرا ذريعي سنڌ جي عوام کي پريشان ڪري رهيو آهي.

مولا بخش چانڊيو چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي احتجاج جو نوٽس نٿي وٺي، اهڙا ظالماڻا قدم کنيا ويا ته امن امان جي صورتحال خراب ٿي ويندي.

مولا بخش چانڊيي چيو ته ڪجهه وفاقي وزير سنڌ اندر امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، وزير اعظم کي به انهن ئي وزيرن پريشان ڪيو آهي.

مولا بخش چانڊيي وڌيڪ  چيو ته پاناما ليڪس معاملي تي وفاقي سرڪار کي عوام آڏو جهڪڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟ وفاقي سرڪار پارليامينٽ کان ڇو فرار ٿي رهي آهي؟؟

 مولا بخش چانڊيي چيو ته اپوزيشن طئي ڪيو آهي ته اها پنهنجي ٽي آر اوز تي قائم رهندي، حڪومت زبردستي بحران ۾ شدت  آڻي اپوزيشن کي روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي،ائين ٿيو ته حڪومت لاءِ هڪ جهٽڪو  ئي ڪافي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*