ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني مان گرفتار ٿيل ايم ڪيو ايم جي 3ڪارڪنن کي 90ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي

ATC-karachi-21-8

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني مان گرفتار ٿيل ايم ڪيو ايم جي 3ڪارڪنن کي 90ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي، رينجرز ترجمان موجب گرفتار ٿيل دهشتگرد سيد حسن سليمان عرف ايس پي، عبيد ۽ اسد رينجرز چوڪين  تي حملن ۾ ملوث آهن.

رينجرز شاهه فيصل ڪالوني مان گرفتار ڪيل سيد حسن سليمان عرف ايس پي، عبيد ۽ اسد کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو.

عدالت رينجرز جي درخواست تي ٽنهي جوابدارن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

رينجرز ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گرفتار ٿيل دهشتگرد سيد حسن سليمان عرف ايس پي، عبيد ۽ اسد، رينجرز چوڪين  تي حملن ۾ ملوث آهن.

رينجرز ترجمان موجب جوابدارن ڪورنگي ڪراسنگ، ڪورنگي اڍائي نمبر ۽ ناظم آباد ۾ رينجرز چوڪين تي حملن ۾ ملوث آهن انهن حملن ۾ رينجرز جا 3 اهلڪار زخمي ٿيا هئا.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن جا 6 ساٿي فرار ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*