بلوچستان جي علائقي آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا

balochistan-force

بلوچستان جي علائقي آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

ليويز ذريعن موجب، آواران جي علائقي جا جائو ۾ فرنٽيئر ڪور جي گاڏي معمول موجب گشت تي هئي ته ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ايف سي اهلڪار موقعي تي شهيد ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*