اسلام آباد ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪارروائي دوران 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا

islamabad-arrist

اسلام آباد ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪارروائي دوران 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

وفاقي راڄڌاني واري شهر جي مختلف علائقن ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪارروائي ڪئي،جنهن دوران 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس آءِ يو جي ترجمان موجب، گرفتار ڏوهارين جي سجاد، رضوان، اسحاق ۽ شهزاد طور سڃاڻپ ٿي آهي، جن جي قبضي مان روڪ رقم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار بئنڪن مان ڦر ۽ قتل جي وارداتن ۾ ملوث هئا،  جڏهن ته باره ڪهو ۾ ڌاڙي دوران هڪ شهري کي به قتل ڪيو ويو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*