لياري گينگ وار جي مک جوابدار عذير بلوچ کي دبئي مان انٽرپول گرفتار ڪري ورتو

لياري گينگ وار جي مُک جوابدر عذير بلوچ کي دبئي مان انٽرپول گرفتار ڪري ورتو آهي.

انٽرپول پوليس عذير بلوچ کي مسقط کان دبئي ويندي رستي تان گرفتار ڪيو.

ذريعن موجب، انٽرپول پوليس ڳجهي اطلاع تي عذير بلوچ کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته وڌيڪ پُڇا ڳڇا لاءِ کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، عذير بلوچ کان جيڪو پاسپورٽ هٿ آيو آهي، ان ۾ هُن پاڻ کي ايراني شهري ڄاڻايو آهي.

واضح رهي ته سنڌ سرڪار اڳواٽ ئي عذير بلوچ جي گرفتاري لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*