شڪارپور ۾ برف جي ڪارخاني ۾ گئس ليڪس ٿيڻ سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت سڙي فوت ٿي ويو

shikarpor-fire

شڪارپور ۾ برف جي ڪارخاني ۾ گئس ليڪس ٿيڻ سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت سڙي فوت ٿي ويو، فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آندو.

سنڌ سمال انڊسٽريز ايريا ۾ برف جي هڪ ڪارخاني ۾ امونيا گئس ليڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي، جنهن دوران هڪ ڪمري اندر ستل پورهيت 27 ورهين جو عبدالقيدر جکرو سڙي فوت ٿي ويو.

باهه سبب عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي، جڏهن ته فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.

سڙي فوت ٿيل پورهيت عبدالقدير جکرو اولڊ پاور هائوس جو رهواسي هو، جنهن جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*