واهي پانڌي ۾ ڊهي پٽ پيل پل جي ٻيهر تعمير نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

wahi-pandhi-protest-

واهي پانڌي ۾ ڊهي پٽ پيل پل جي ٻيهر تعمير نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ٻين پارٽين  پاران پل جي نئين سر تعمير نه ٿيڻ خلاف عطاالله برهماڻي، لال بخش بروهي ۽ پناهه برهماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک  هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 هفتا گذرڻ باوجود شهر جي مين پل جو تعميراتي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي، پل نه هجڻ ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتون در پيش اچي رهيون آهن.

هنن جو چوڻ هو ته چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا  پاران هن مهل تائين ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن، هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته  جلد پل جو نئين سر تعميراتي ڪم شروع ڪرائي شهرين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*