گهوٽڪي پوليس 2 لک انعام يافته ڌاڙيل رندل سندراڻي سميت 7 روپوش ڌاڙيل گرفتار ڪري هٿيار هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ghotki-dharil-arrist

گهوٽڪي پوليس 2 لک انعام يافته ڌاڙيل رندل سندراڻي سميت 7 روپوش ڌاڙيل گرفتار ڪري هٿيار هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي مسعود بنگش موجب گرفتار جوابدار رندل سندراڻي مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 20 کان 25 ڪيس داخل ٿيل آهن.

 ميرپور ماٿيلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي مسعود بنگش چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ڪاررواين ۾ 7 روپوش ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ رندل سندراڻي، علي محمد عرف علو، لطيف شر، عابد شر، عبدالرحمان ڪوش ۽ دکن ڪوش شامل آهن، جن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف ۽ 2 پسٽل هٿ آيا آهن.

ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار جوابدار رندل سندراڻي مٿان 2 لک رپيا انعام رکيل هو، جنهن تي اوٻاوڙو، کينجهو، آندل سندراڻي ۽ رانوتي ٿاڻن تي ڦر، اغوا ۽ پوليس مقابلن جا 20 کان 25 ڪيس داخل ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*