پيپلز پارٽي پاناماليڪس تي سمجهوتو نه ڪندي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تي قائم آهي: رحمان ملڪ

rahman-malik

پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاناماليڪس تي سمجهوتو نه ڪندي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تي قائم آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته حڪومت پاناماليڪس معاملو حل ڪرڻ بدران مونجهارا پيدا ڪرڻ ڪري رهي آهي، جڏهن ته  معاملي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ٻن وزيراعظمن عدالتن جا چڪر ڪاٽيا، جڏهن ته هاڻ به مٿن ڪيس هلندڙ آهن.

رحمان ملڪ وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ نئون قانون ٺاهي پهريون پيپلز پارٽي تي ٽيسٽ ڪيو وڃي ٿو…………….

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي سرگرمين مان مخالف پريشان آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير واري جلسي ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿي مخالفن جون ننڊون حرا م ڪري ڇڏيندا………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*