وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن لاءِ هڪ ارب رپين جو اعلان

سنڌ سرڪار ٽمبر مارڪيٽ متاثرن جي بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن لاءِ روز جي خرچن لاءِ هڪ رپين جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ وزير اعليٰ هائوس ۾ ٽمبر مارڪيٽ باهه بابت اعليٰ سطحي اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، مراد علي شاهه، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ آهن.

اعليٰ سطحي اجلاس ۾ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن لاءِ روز جي خرچن لاءِ هڪ لک رپين جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته  پئسا ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جي تقديق ٿيل لسٽ موجب جاري ڪيا ويندا.

ٻئي پاسي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وزيراعظم نواز شريف سان رابطو ڪري ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه سبب ٿيل نقصان بابت آگاهي ڏني وئي آهي.

وزيراعظم نواز شريف، وفاقي سرڪار پاران ٽمبر مارڪيٽ باهه سانحي جي متاثرن لاءِ مالي امداد جي خاطري ڪرائي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*