ميرپور آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون

kashmir-pp-jalasa

ميرپور آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.

ميرپور ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پ پ جي جلسي جي لاءِ 80 فوٽ ڊگهو ۽ 24 فوٽ ويڪرو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي.

ميرپور شهر کي پيپلزپارٽي جي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي ۽ هر هنڌ بلاول ڀٽو جي آجيان لاءِ هورڊنگ بورڊ لڳايا ويا آهن.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا.

ساڳي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ 1992 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو خطاب ڪيو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*