وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزير اعظم وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪندو

nawaz-sharif-12-05-16

وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، پاڪستان  جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزير اعظم وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪندو، جنهن ۾ بجيٽ سفارشن جي منظوري ڏني ويندي.

وڊيو لنڪ ذريعي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو، جنهن دوران بجيٽ سفارشن جي منظوري ڏني ويندي.

ڪابينا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف چئن آئيني مسودن تي صحيحون ڪري بند لفافو ڏيهه اماڻيندو، جيڪو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، هن سال دفاعي وفاقي بجيٽ جو ڪاٿو 7سئو ارب رپين مان وڌائي 8 سئو 60 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ سال 5 سئو ارب رپين جا اضافي ٽئڪس اوڳاڙڻ جو هدف به مقرر ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ وارين سفارشن جي به منظوري ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*