سپريم ڪورٽ، اي او بي آءِ ۾ ڀرتين بابت درخواست تي محنت ۽ افرادي قوت واري وزير، سيڪريٽري ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، اي او بي آءِ ۾ ڀرتين بابت درخواست تي محنت ۽ افرادي قوت واري وزير، سيڪريٽري ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ٽن هفنت اندر جواب طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته لڳي رهيو آهي ته عدالتي حڪمن کي هوا ۾ اڏايو ويو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته معاملي مان لڳي رهيو آهي ته عدالتي حڪمن کي هوا ۾ اڏايو ويو، ٻڌايو وڃي ته ان وقت چيئرمين ڪير هو؟.

قومي احتساب بيورو جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن وقت چيئرمين ظفر گوندل، جڏهن ته جوابدارن جو انگ چار هو، جن خلاف شروعاتي ريفرنس مرحلي ۾ آهي.

عدالت محنت ۽ افرادي قوت واري وزير، سيڪريٽري ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ٽن هفنت اندر جواب طلب ڪري ورتو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*