وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي وفاقي ڪابينا کي خطاب ڪري سگهي ٿو ته پوءِ بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ منظوري به ڏئي سگهجي ٿي:فاروق ايڇ نائيڪ

farooq-H-naik

سينيئر قانوندان ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي وفاقي ڪابينا کي خطاب ڪري سگهي ٿو ته پوءِ بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ منظوري به ڏئي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ آئيني ۽ قانوني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن جي سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد ۾ وڪيلن سان گڏجاڻي بعد ميِڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته بجيٽ جي منظوري حڪومت جو ڪم آهي، جيڪڏهن معاملو عدالت ۾ ويو ته پوءِ فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي.

هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي وفاقي ڪابينا کي لنڊن مان خطاب ڪري سگهي ٿو ته پوءِ آئيني طريقي سان پارليامينٽ ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ جي منظوري به ڏئي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ وڏو آئيني ۽ قانوني بحران پيدا ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته پاناما ليڪس تي تمام گهڻو بحث ٿي چڪو آهي، گڏيل اتفاق راءِ سان ٽِي او آرز جي تياري تائين ڪميشن جو ويهڻ بي معنيٰ ٿيندو.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته هڪ ڏينهن اندر پاناما ليڪس تي جاچ جاچ نٿي ٿي سگهي، قانون کي به ڏسڻو پوندو آهي، معاملو هاڻي پارليامينٽ ۾ آهي ته ان کي پارليامينٽ ۾ ئي رهڻ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*