آرمي ڪئمپ تي حملي ۾ موت جي سزا ٻڌايل 5 جوابدارن سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي

آرمي ڪئمپ تي حملي ۾ موت جي سزا ٻڌايل 5 جوابدارن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾  اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

آرمي ڪئمپ  گجرات تي حملي ۾ موت جي سزا ٻڌايل 5 جوابدارن احسان، عمر، عامر ، آصف ۽ ڪامران پاران لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سندن سزا برقرار رکڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

فوجي  عدالت 5 جوابدارکي موت جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي لاهور هاءِ ڪورٽ برقرار رکيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*