اسلام آباد جي احتساب عدالت ڪرپشن، انساني اسمگلنگ ۽ ٻين الزامن هيٺ گرفتار پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر شفقت چيما کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

shafqat-chema

اسلام آباد جي احتساب عدالت ڪرپشن، انساني اسمگلنگ ۽ ٻين الزامن هيٺ گرفتار پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر شفقت چيما کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

نيب پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر شفقت چيما کي 12 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کان ڪرپشن، انساني اسمگلنگ سميت ٻين الزامن جي جاچ هلندڙ آهي.

نيب عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدار کان اڻڄاڻايل ملڪيت بابت پتو لڳائڻ جي حوالي سان سندس رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت جوابدار شفقت چيما جي رمانڊ ۾ 10 ڏينهن واڌ ڪندي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*