سکر ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم رينيو آفيس تي ڇاپو هڻي سب رجسٽرار سميت 5 ڄڻن کي شهريءَ کان رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو

sukkur-map30-07

سکر ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم رينيو آفيس تي ڇاپو هڻي سب رجسٽرار سميت 5 ڄڻن کي شهريءَ کان رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سول جج جي نگرانيءَ ۾ روينيو آفيس تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران رشوت وٺندي سب رجسٽرار فائق علي شاهه، امان الله سومرو، وحيد بلوچ، برڪت چانڊيو ۽ آغا صدا حسين کي گرفتار ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب وحيد ڪمبوهه نالي شخص درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته سب رجسٽرار فائق علي شاهه رجسٽري عيوض هڪ لک 40 هزار رپيا رشوت وٺي رهيو آهي.

اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب شهري رجسٽري لاءِ هڪ لک رپيا عملدارن کي ڏئي چڪو هو، جڏهن ته باقي 40 هزار رپين جي ادائگي دوران ڪارروائي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*