ٽي هزار 276 شڪايتون مليون ۽ ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪيل رقم مان هڪ ارب 30ڪروڙ رپيا واپس ڪرايا آهن: ڊي جي نيب سنڌ

nab-DG-sindh

ڪراچي ۾ نيب چيئرمين قمرالزمان چوڌري جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ ڊي جي نيب سنڌ ٻن سالن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 3هزار 276 شڪايتون مليون ۽ ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪيل رقم مان هڪ ارب 30ڪروڙ رپيا واپس ڪرايا ويا آهن.

نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف ريفرنسز، شرجيل ميمڻ خلاف ڪيس،  پوليس ۾ ڪرپشن، چائنا ڪٽنگ ۽ ٻين ڪيسن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي.

نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ ڊي جي نيب سراج الحق نعيم بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته ٻن سالن ۾ 3هزار 276 شڪايتون مليون، 109شڪايتن جي تصديق ۽ 151انڪوائريز جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي.

ڊي جي نيب ٻڌايو ته هلندڙ سال 50 ريفرنس تيار ڪيا ويا ۽ ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪيل رقم مان هڪ ارب 30 ڪروڙ رپيا واپس ڪرايا ويا آهن.

ان موقعي تي نيب چيئرمين چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ نيب سنڌ جي ڪارڪردگي بهتر آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾  پوليس ۾ ڪرپشن، چائنا ڪٽنگ ۽ ٻين ڪيسن ۾ اڳڀرائي جو به جائزو ورتو پيو وڃي.

ذريعن موجب اجلاس ۾  بيورڪريٽس خلاف الزامن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ انڪوائريز تي ويچارپيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*